SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادارڪ- سوجهي-سمجهداري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ادارڪ- سوجهي-سمجهداري

Perception

پرسيپشن

بنيادي طور تي ”ادراڪ“ هڪ نفسياتي وارتائن تي ٻڌل سلسلو آهي، جنهن ذريعي هڪ فرد آسپاس جي ماحول سان پنهنجو تعلق جوڙي ٿو. علم نفسيات ۾ ”شين جي سوجهي“ ۽” فردن جي سوجهي“ وارا ٻه محاورا ڪتب آيا آهن، جن مان پوئين محاوري کي ”سماجي سوجهيءَ“ طور ڳڻيو ويندو آهي. ادراڪ يا سوجهيءَ جو بنيادي ڪارج، مختلف شين، روين ۽ وارتائن وچ ۾ تفاوت محسوس ڪندي، منجهانئن اهم جي چونڊ ڪرڻ آهي، ڇو ته منجهانئن ڪن کي چونڊڻ ۽ ٻين کي رد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي ڪنهن فيصلي تائين رسي سگهجي ٿو، اهڙي چونڊ ۾ ڪنهن به فرد جي، ماضيءَ جا تجربا، حال جي طبعي ۽ نفسياتي صورتحال ۽ سمجهه ۾ ايندڙ تجربن سان ويجهڙائي اهم محرڪ طور ڳڻيا وڃن ٿا. ماڻهن جا هڪٻئي بابت تاثر، هڪٻئي جي روين جي ڳڻَ ڳوت ۽ پوندڙ اثرن منجهان ئي اخذ ڪري سگهبا آهن. بين الاقوامي تعلقات ۾ ”ادراڪ“ جو ڪارج انفرادي سطح تي سامهون ايندڙ روين جو ڇيد ڪرڻ هوندو آهي، خاص طور تي فيصله سازيءَ جي عمل ۽ اهم ڌرين طرفان مخصوص ڪيل ڪردار جو احاطو ڪرڻ هن هنر جو اهم ترين پهلو ڳڻجي ٿو. اهڙي طرح بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ”ادراڪ“ دراصل اهو بنيادي نفسياتي ايڪو آهي، جنهن ذريعي صورتحال جي تفصيلي عڪاسي ڪري سگهجي ٿي. فيصله سازيءَ جي عمل ۾ هڙئي ادراڪ دراصل ٻين شخصن بابت هنيل اندازا ۽ ڀانئيا هوندا آهن، جيڪي مخالف ڌر ڏانهن مخصوص قسم جي روين کي آشڪار ڪرڻ ۽ ان جي موٽ ۾ ڪن خاص روين جي توقع رکندا آهن. ٻئي ماڻهوءَ جي سمجهه ۽ سوجهيءَ بابت درست اندازو لڳائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو ڪيترين ذهني صورتحالن ۾ هنيل اندازي جي تصديق لاءِ ڪن مادي ثبوتن جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. مثال طور جاسوسيءَ ذريعي مليل معلومات جو تز ڇيد ڪرڻ تيستائين ممڪن ناهي، جيستائين ان حوالي سان مليل معلومات کي اڳ قائم ڪيل راين ۽ اندازن سان سلهاڙيو يونٿو وڃي.ساڳي طرح فيصلي ڪندڙ ماحول ۾ هزارين پهلوئن جو ڇيد به ان وقت تائين نه ڪري سگهندو، جيستائين سندس اڳ ڳڻيل ادراڪ سگهارو نه هوندو . هن موضوع تي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي سياست ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. سياست جي دنيا ۾ ڪيل مختلف اهم فيصلن جي تجزيو ڪندي ٻڌايو ويو ته، انهن فيصلن پٺيان، فيصلي ڪندڙ جو گهري ادراڪ ۽ حالتن کي درست طريقي سان سمجهڻ واري صلاحيت ئي اهم ترين محرڪ رهيو آهي


Remember Me Also:

ڪٺ

ث. ٻڪرين جو ڀاڻ ، ٻاڪرو ڀاڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal